ٻلديو مٽلاڻي

ٻلديو مٽلاڻي

ٻلديو مٽلاڻي

ٻلديو مٽلاڻي: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، استاد ۽ محقق ٻلديو مٽلاڻي، لاڙڪاڻي جي هڪ زميندار گهراڻي ۾، بختراءِ مٽلاڻيءَ جي گهر ۾ 24 ڊسمبر 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي امتيازي نمبرن سان ڪئي. ان کانسواءِ هو ايم. اي (ايڪانامڪس)، ايل. ايل. بي. D.H.E، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي آهي. سندس چوڻ موجب 1980ع واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڌاڙيلن جي آزار ۽ اغوائن جي وارداتن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچررشپ جي انتخاب دوران اختيار ڪيل روِش سبب هيءُ پنهنجي ڪٽنب سميت ڀارت لڏي ويو . هو پهرين ممبئيءَ جي ’جئه هند‘ ڪاليج ۾ 1981ع کان 1994ع تائين ليڪچرار ۽ پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو، بعد ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمين ٿيو. هن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعر سچل سرمست جي فڪر ۽ فن تي تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي ڪئي. هن جئه هند ڪاليج بمبئيءَ ۾ ڪيتريون انٽر ڪاليجئيٽ سنڌي ناٽڪ چٽاڀيٽيون ڪرايون ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترا انٽرنيشنل سنڌي سيمينار ڪرايا، جنهن ۾ سنڌ مان ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر فهميده حسين، آغا سليم ۽ امر جليل کان سواءِ ٻين ڪيترن عالمن ۽ اديبن کي گهرايائين. هن ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا بنيادي ڪورس، سنڌيءَ جو سرٽيفڪيٽ، ۽ سنڌيءَ ۾ ڊپلوما شروع ڪرايا، پاڻ مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر به رهيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، جن ۾ (1). سچل جون واديون (1991ع)، (2). فن تحقيق ۽ ان جا اصول (1997ع)، (3). سنڌي لوڪ ادب (ترتيب 1998ع)، (4). (Sindhi Medieval Literature 1998ع)، (5). شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس (2003ع)، (6). اڳ نه ڏٺو ڪڏهن (سفرنامو 2004ع) شامل آهن، جن مان ”سچل جون واديون“ ۽ ”فن تحقيق ۽ ان جا اصول“ ڪتاب سنڌ ۾ به ڇپجي چڪا آهن. پويون ڪتاب ڊاڪٽر عبدالستار دلوي، اردو شعبي ممبئيءَ جي چيئرمئن جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي . ٻلديو مٽلاڻيءَ ڪيترا اوارڊ ۽ ميڊل پڻ کنيا آهن، جن ۾:الهاس ننگر روٽري ڪلب پاران ”ووڪيشنل ايڪسيلينٽ اوارڊ“ سلور ميڊل (1997ع) ۽ تعريفي سنَد (2001ع) ممبئي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پاران غير معمولي خدمتن جي عيوض حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ کيس ’فن تحقيق ۽ ان جا اصول‘ ڪتاب تي 2000ع ۾ حڪومت هند جي ايڇ.آر. ڊي وزارت پاران ترجمي جو ساهتيه اڪيڊمي انعام مليو . هو ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو چيئرمئنپڻ رهي چڪوآهي ۽ هن وقت انڌيري، (ويسٽ) ممبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي .


لفظ ٻلديو مٽلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو